پل پل جو پرلاءُ

پَل پَل جو پَرِلاءُ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور شاعر هري دلگير جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ وايون، نظم، ٽيڙو، گيت، قطعا، رباعيون، بيت، غزل ۽ نظماڻو نثر شامل آهي. ”پنهنجي پاران“ ۾ هري دلگير زندگيءَ متعلق لکي ٿو ته: ”مان زندگيءَ کي سندس سندر سروپ ۾ پسڻ جو مشتاق آهيان.“ هيءُ ڪتاب سال 1979ع ۾ ساهتيه اڪادميءَ جو انعام حاصل ڪيل ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1977ع، ٻيو ڇاپو جنوري 1978ع ۽ ٽيون ڇاپو جولاءِ 1980ع ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر پاران سُريش پارياڻي شايع ڪرايو.ڪچي جلد ۾، ڊسٽ ڪَوَر سان ڊيمي سائيز واري 100 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت ويهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو